مولانا محمد حسين جان سرهندي

مولانا محمد حسين جان سرهندي : عالم ۽ شاعر پير مولانا محمد حسين جان سرهندي 1873ع ڌاري افغانستان ۾ قنڌار لڳ ڳوٺ ارغستان ۾ خواجه عبدالرحمان جي گھر ۾ جنم ورتو. هي اٺن سالن جو هو ته سندس والد قنڌار جي امير، عبدالرحمان جي ظلمن کان تنگ ٿي هجرت ڪري سنڌ آيو ۽ ضلعي ٽنڊي محمد خان جي ڳوٺ ٽکڙ ۾ اچي رهائش پذير ٿيو. ٽکڙ ۾ وڏن عالمن وٽ تعليم پرايائين. قرآن، حديث، فقھ، منطق، نحو، رياضي وغيره ۾ ڪماليت حاصل ڪيائين. عربي ۽ فارسيءَ ۾ کيس دسترس حاصل هئي. وقت جي وڏن عالمن سان مناظرا ڪري ديني معاملا چٽا ڪيائين. هي طب جو به تمام وڏو ماهر هو. ماڻهن جو مفت علاج ڪندو هو. ديني علم جي واڌاري لاءِ ڪوششون ڪيائين. انهيءَ سلسلي ۾ ٿر ۾ عاليشان خانقاهه قائم ڪيائين. کيس شاعريءَ جو ننڍپڻ کان ئي شوق هو، اڳتي هلي عربي ۽ فارسيءَ جو قادرالڪلام شاعر ٿيو. 1911ع ۾ زمينداريءَ سبب ٽکڙ مان تعلقي ساماري ضلعي عمرڪوٽ ۾ ’پير سرهندي‘ نالي ڳوٺ ٻڌي رهڻ لڳو. سندس ڪلام ’خيابان سرهندي‘ جي نالي سان ڇپيل آهي. هن 1947ع ۾ وفات ڪئي.


لفظ مولانا محمد حسين جان سرهنديھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو